جامعه جو انتظامي نظام
جامعه دارالعلوم سکر ۾ فيصلا سازي، تعليمي معاملات ۽ داخلي انتظام — ٽن مجلسن جي مشاورت ۽ هم آهنگي سان چلندا آهن.
مجلس شوريٰ
پاليسي ۽ فيصلا سازي
مجلس تعليمي
تعليمي معاملات
مجلس انتظامي
داخلي انتظام
پاليسي ساز ادارو
مجلس شوريٰ
مجلس شوريٰ جامعه دارالعلوم سکر جو پاليسي ساز ادارو آهي، جيڪو حضرت رئيس الجامعه جي سربراهيءَ ۾ جامعه جي اڪابر استادن، تعليمي ماهرن ۽ جامعه جي معاونن تي مشتمل آهي.
جامعه جا تعليمي، انتظامي، تعميراتي ۽ ٻيا سڀ معاملا مجلس شوريٰ جي مشاورت سان ڪيا ويندا آهن.
- تعليمي پاليسي ۽ نصاب بابت فيصلا
- انتظامي ۽ تعميراتي منصوبن جي منظوري
- مستقبل جي رٿن تي غور
- اهم معاملن تي مشاورت ۽ رہنمائي
تعليمي معاملات
مجلس تعليمي
جامعه دارالعلوم سکر جي مجلس تعليمي هيٺين افرادن تي مشتمل آهي:
1رئيس الجامعه
2ناظم اعليٰ
3ناظم تعليمات
4ناظم معهد
5ناظم بنات
6ناظم تحفيظ وتجويد
7ناظم مڪاتب عثماني
ذميداريون
مجلس تعليمي تعليم بابت سمورا معاملات سنڀاليندي آهي:
- داخلا ۽ تعليم بابت پاليسي
- تعليمي جائزو ۽ نصاب جي نظرثاني
- حاضري جي نگراني
- گسائڻ تي پڇا ڳاڇا
- امتحان رکڻ ۽ نتيجو ٺاهڻ
- ڪمزور ۽ ناڪام طالبن جي نشاندهي
- ڪمزوري جا ڪارڻ ۽ تدارڪ جو طريقو
- خواندگي مقدار جي نگراني
- طالبن جي تربيت ۽ عملن تي نظر
داخلي انتظام
مجلس انتظامي
جامعه دارالعلوم سکر جي داخلي انتظام لاءِ هيٺيان ناظم خدمت ڪري رهيا آهن:
1ناظم اعليٰ
2ناظم دارالاقامه
3ناظم دارالافتاءَ
4ناظم مطبخ
5ناظم مسجد
6ناظم صحت وصفائي
7ناظم باغباني
8ناظم نشر واشاعت
هر ناظم پنهنجي شعبي جي روزمره سرگرمين، نظم ۽ معيار جي ذميداري سنڀالندو آهي ته جامعه جو ماحول تعليم ۽ تربيت لاءِ مناسب رهي.