![]() |
![]() |
![]() |
---|
.
مرڪز تعليم ۽ تربيت: جامعه دارالعلوم سکر ، ديني درس گاهن جي ان تاريخي تسلسل جي ڪڙي آهي. جنهن جي ابتدا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ، نبوي مسجد لڳ صحابن سڳورن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ”صفه“ جو مدرسو قائم ڪري ڪئي. ”صفه“ جي نوراني ڪرڻن عالم اسلام جي هر خطي ۾ پنهنجو ايماني ۽ علمي نور پڄايو. جنهن جي روشنيءَ سان چوڏس علم ۽ عرفان جون راهون روشن ٿيون. باب الاسلام سنڌ به پهرين صدي هجري ۾ ئي ”صفه“ جي ايماني ۽ علمي لاٽ مان سوجهرو وٺي ،ايمان ۽ اتقان ،علم ۽ عرفان ،تعليم ۽ تربيت جا نروار نمونا دنيا آڏو پيش ڪيا.ديبل ، منصوره ،اروڙ ،بکر ،ٺٽو ۽ سيوستان ،قديم سنڌ جا اهي علمي شهر هئا،جيڪي علمي لحاظ سان مديني ،ڪوفي ، بصري ، بغداد ۽ اسلامي دنيا جي ٻين علمي مرڪزن کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هئا.
هتي جي عالمن مان امام ربيع بن صبيح سنڌي ،ابو معشر سنڌي، شيخ الاسلام امام اوزاعي ، مخدوم رحمت الله سنڌي ، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ، مخدوم ابو الحسن ڪبير سنڌي ، مخدوم محمد معين ٺٽوي ، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ، مخدوم ابو الحسن صغير سنڌي ،مخدوم محمد حيات سنڌي مدني ، مخدوم محمد اڪرم نصرپوري، مخدوم عبدالواحد سيوستاني ۽ مخدوم محمد عابد سنڌي مدني رحمهم الله ،باب الاسلام سنڌ ۽ اسلام جي مرڪز مڪي مديني ۾ درس گاهون قائم ڪري ،پڙهڻ پڙهائڻ ۽ تصنيف تاليف ذريعي علم جي اشاعت ۾ اهڙو بي مثال ڪردار ادا ڪيو جو علامه غلام مصطفي قاسمي چواڻي : اسلامي دنيا ۾ اهڙو استادي سلسلو گهٽ ملندو جنهن ۾ انهن سنڌي بزرگن جو نالو استادن جي لسٽ ۾ نه هجي. سنڌ ۾ ڪو دور اهڙو به هو جو قطب الاقطاب حضرت سائين حمادالله هاليجوي فرمائيندا هئا ته روهڙيءَ ۾ بخاري شريف جون حافظياڻيون به هونديون هيون.انگريز جي اچڻ کان پهريون انگريز تاريخدانن مطابق رڳو ٺٽي ۾ چارسو جامعه ۽ يونيورسٽي سطح جا علمي مرڪز موجود هئا.
ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي آمد سان ٻين علائقن جيان سنڌ مان به ديني درس گاهن جي تڏا ويڙهه ٿي.پر 1857 جي جنگ کان پوء ديوبند سهارنپور ۾ دارالعلوم ديوبند جي نالي سان ديني مدرسن جي ٻيهر اڀار جي جيڪي تحريڪ اٿي ،ان جا اثر باب الاسلام سنڌ تي به پيا.دارالعلوم ديوبند جي قيام سان گڏ گڏ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ديني مدرسن جو ڄار وڇائجي ويو. جامعه دارالعلوم سکر به سنڌ جي انهن قديم علمي مرڪزن ۽ دارالعلوم ديوبند جو علمي ۽ فڪري تسلسل آهي.
جامعه دارالعلوم سکر جو بنياد 1428هه مطابق 2008ع جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني سکر ۾ ڪجهه حجرا ٺاهي رکيو ويو ، جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ درس نظامي ، حفظ ناظره ،تجويد قرائت سان گڏوگڏ تعليم بالغان ۾ ترجمه ۽ تفسير قرآن ۽ مخلتف ڪورسز جو آغاز ڪيو ويو. ٿوري وقت ۾ طالبن جو تعداد وڌڻ سبب سوڙهه محسوس ٿي ته گورنمنٽ هاوسنگ سوسائٽي ۾ جامعه دارالعلوم جو ڪئمپس 2 تعمير ڪيو ويو. 2015 ع کان اتي به تعليم جاري آهي. ڪئمپس 1 عثمانيه مسجد ۾ حفظ ناظره ، شعبه بنات ۽ شعبه بالغان جا سلسلا هلي رهيا آهن ۽ ڪئمپس 2 گورنمنٽ سوسائٽي ۾ درس نظامي بنين سان گڏوگڏ تعليمي ، تربيتي ، تحقيقي ۽ دعوتي شعبه هلي رهيا آهن.
.
اسلامي معاشري لاءِ مدرسي جو قيام اڻ ٽر آهي، مدرسي ۽ مسلمان کي هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته مدرسو الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي تعليمات کان، انسانيت کي روشناس ڪرڻ جو نالو آهي. مسلم معاشري ۾ جيترا به ديني ادارا هجن ٿورا آهن. ٻي پاسي ڏٺو وڃي ته اسلامي تاريخ ۾ اسان کي ڪو اهڙو روشن دور به ملي ٿو جو تعليم سان گڏ تربيت، علم سان گڏ عمل ۽ پڙهائڻ سان گڏ سيکارڻ جو عمل به انهن ادارن ۾ ٿيندو هو. خاص ڪري عباسي ۽ اموي دور ۾ اسان کي ڪافي اهڙا ناميارا محدث نظر اچن ٿا، جن جو لقب ئي ”الموءدب“ هوندو هو. جنهن جي معنٰي ادب سيکاريندڙ ۽ تربيت ڪندڙ آهي. اڳتي هلي ان پاسي ڏينهون ڏينهن توجه هٽندو ويو.
اڄوڪو دور، جيڪو ماديت جي چمڪ دمڪ جي هٿان چوڌاري گهيري اندر آهي. ان دور ۾ ان جي ضرورت تهائين وڌيو وڃي. ان ڪري ضرورت هئي ته هڪ اهڙو ديني ادارو قائم ڪيو وڃي، جيڪو مضبوط علمي ۽ تعليمي بنيادن سان گڏو گڏ بي مثال تربيتي، اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي به مشتمل هجي. پڻ وقت جي گهربل ضرورتن ۽ تقاضائن، معيارن ۽ پئمانن پٽاندڙ، ملت جي رهبريءَ جو فريضو سر انجام ڏئي. ان ضرورت ۽ مقصد کي سامهون رکندي جامعه دارالعلوم سکر جو قيام عمل ۾ آيو.
ان کان علاوه عالمن جي اهڙي کيپ تيار ڪرڻ، جيڪي هڪ پاسي اسلاف جي علمي ورثي ۽ روحاني قدرن کي سيني سان سانڍي ،ٻي پاسي ھن دور جي تقاضائن کي سمجهي ،ان پٽاندڙ دين جي رهبري جو فريضو انجام ڏئي .جامعه دارالعلوم سکر جا”اهداف ومقاصد“ مختصر طور هن ريت آهن:
(1)اهڙا عالم فاضل تيار ڪرڻ:
=> جيڪي علمي ڪمال ۽ ديني قدرن جي پختگيءَ سان گڏ عمل جي جذبي ، اخلاص جي جوهر ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاريل هجن.
=> جيڪي معتدل ذهن ۽ فڪر کڻي معاشري ۾ دين اسلام جي حفاظت ، ڦهلاءَ ۽ صراط مستقيم جي رهنمائيءَ جو فريضو سرانجام ڏين.
=> جيڪي اسلاف جي روايتن جو پابند رهندي نئين دور جي گهرجن کان واقفيت ۽ موجوده دور ۾ اسلامي فڪر جي مقابلي ۾ ايندڙ چيلنجز سان منهن ڏيڻ جي ڀرپور سگهه رکن.
(2)”علم“سان گڏ ”عمل“ ، ”تعليم“ سان گڏ ”تربيت“ ۽ ”پڙهائڻ“ سان گڏ”سيکارڻ“ جي فلسفي تي عمل ڪندي طالبن جي زندگيءَ ۾ نيڪ عمل ، سهڻا اخلاق ۽ اسلامي روح پيدا ڪرڻ.
(3)ديني خدمت جي جذبي تحت طالبن کي نئين دور جي گهرجن پٽاندڙ لکڻ پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ جديد علمن خاص طور تي ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيشن جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ.
(4)نئين نسل کي مذهب جي ويجهو ڪرڻ ۽ انهن کي ديني قدرن ۽ اسلامي آداب کان واقف ڪرڻ.
(5)سنڌ جي اڪابر عالمن جي مخطوط علمي ذخيري کي ايڊٽ ڪري عصري گهرجن پٽاندڙ منظر عام تي آڻڻ.
.
1– علم پڙهڻ جو مقصد، الله پاڪ جو رضامندو آهي. ان ڪري سڀ کان پهرين پنهنجي نيت ٺيڪ ڪجي.
2– جامعه دارالعلوم سکر ۾ قيام جو مقصد ، علم پرائڻ سان گڏ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ اخلاق سڌارڻ پڻ آهي.ان ڪري جامعه جي طالبن کي ” تعليمي ارڪانن “ سان گڏ ” تربيتي اعمالن “ جي پابندي به ڪرڻي هوندي ۽ فرض ، واجب ۽ سنتون خاص طور تي نماز ،تڪبير اوليٰ سان پڙهڻ جو اهتمام ڪرڻو پوندو.
3– پنهنجي شڪل شباهت عالمن ۽ صالحن جهڙي رکجي . فيشن پرستي ۽ خلافِ سنت ڪمن کان بچڻ ضروري هوندو.
4– سبقن ۾ حاضري ۽ تعليمي وقتن جي پابندي ضروري آهي . ان دوران مهمان سان ملڻ جي اجازت نه هوندي.
5– جامعه جي استادن ۽ ڪارڪنن ،ساڳي ريت علم جي ذريعن ۽ عالمن جو احترام ضروري هوندو.
6– رهائش لاءِ جيڪي جاءِ ذميدارن طرفان ملي ، اتي رهڻ لازم هوندو.
7– جامعه کي صاف رکڻ ضروري آهي .پنهنجو هنڌ ،سامان ،جُتي ۽ ٻيون شيون سليقي ۽ طيءِ ٿيل ترتيب سان رکڻيون هونديون.
8– ناظم دارالاقامه جي تحريري اجازت بنا، دارالعلوم کان ٻاهر رهڻ منع آهي.ساڳي ريت ٻاهرين ماڻهوءَ کي هتي ترسائڻ جي بنهه اجازت نه هوندي.
9– گهمڻ ڦرڻ ۽ سيڌو سامان وٺڻ لاءِ ٽيپهريءَ کان پوءِ ۽ جمعي واري ڏينهن وڃڻ جي اجازت هوندي. ان کان علاوه ٻي وقت وڃڻ جرم سمجهيو ويندو.
10– ڪيمرا/ميموري ڪارڊ واري موبائيل رکڻ جرم آهي.جيڪڏهن ڪنهن وٽان پڪڙي وئي ته سال جي آخر تائين ضبط رهندي. غير اخلاقي پروگرام ڪري اخراج به ٿي گهي ٿو.
11– ضروري ڳالهه ٻولهه لاءِ سادي موبائيل رکي سگهجي ٿي. پر تعليمي وقت ۾ اها به بند رکڻ ضروري هوندو.
12– ضابطي جي موڪل لاءِ ناظم اعليٰ جي خدمت ۾ درخواست پيش ڪرڻي هوندي .عذر جي صورت ۾ وڌيڪ موڪل لاءِ پهريون ٻن استادن کان سفارشي دستخطون به ٿيل هجن.
13– پنج ڏينهن لاڳيتو گسائڻ سان داخله موقوف ڪئي ويندي ۽ ڏهه ڏينهن گسائڻ تي اخراج ڪيو ويندو.
14– جامعه ۾ رهندي اسڪول ۽ ڪاليج جي امتحان لاءِ فارم ڀرڻ مهل ناظم اعليٰ کان تحريري اجازت وٺڻ ضروري هوندو.
15– رئيس الجامعه/ناظم اعليٰ جي اجازت بنا، ڪٿي ٽيوشن ،موذني يا امامت وٺڻ منع آهي.
16– دارالعلوم جي جملي ملڪيتن جي حفاظت ضروري آهي. ان کي ڪنهن به قسم جو نقصان رسائڻ يا ڀتن تي لکڻ ۽ اسٽيڪر هڻڻ وڏو جرم سمجهيو ويندو.
17– جامعه جي نظام جي پوري پابندي ڪرڻي هوندي ۽ ان ۾ فتني فساد کان بچڻ لازمي آهي.
18– جيڪو طالب گهڻو غير حاضر رهندو /جنهن جي هلت خراب هوندي/ چيو نه مڃيندو/گستاخي ڪندو ۽ تنبيه جي باوجود به نه سڌرندو ته آئينده داخله لاءِ اهو نااهل هوندو.