![]() |
![]() |
![]() |
---|
ديني مدرسن جي خدمتن جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد هي به رهيو آهي. ته انسانن کي آخري دين (اسلام) جي روشنيءَ ۾ پيش ايندڙ زندگيءَ جي مڙني معاملن ۾ حل ٻڌايو وڃي ڇاڪاڻ ته هي آخري دين ڏهاڙي قيامت تائين سمورن انسانن جي چٽي، سولي ۽ مثالي رهنمائي ڪري ٿو. ان مقصد لاءِ ديني عالمن وٽ ”فقه“ جي عنوان سان عوامي ديني رهبري ۽رهنمائي جو بي مثال ۽ بي نظير ذخيرو موجود آهي، جيڪو قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ قيامت تائين ايندڙنت نون مسئلن بابت اصولي ۽ قانوني وضاحت پيش ڪري ٿو.
پهرين صدي هجري کان ويندي هن دور تائين ڪهڙو به تبديلين وارو زمانو هجي، ديني مدرسن، انسانن جي رهبري جو اهو اهم فريضو وڏي خوبي ۽ذميداريءَ سان ادا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هر دور ۾ اسان کي ديني مدرسن جي شعبن ۾دارالافتاء (فتويٰ جو شعبو) ۽ دارالقضاء شريعت جي روشني ۾ فيصلي جو ادارو ملي ٿو.
هوڏانهن ٻي پاسي اسلامي دنيا ۾ قديم سنڌ جي علمي تاريخ ۾ هتان جي عالمن جو اسلامي علمن ۽ فنن، خاص طور تي علم حديث، فقه ۽ فتاوي سان خصوصي شغف ڏسجي ٿو. سنڌ جي عالمن جا فقهي بياض ۽ تصنيفون ان جون گواهه آهن.
فقه ۽ فتوي جي هاڪاري ڪتاب الدرالمختار جا مجموعي طور تي ٽيهارو کن شرح لکيا ويا آهن، جن مان ست شرح لکڻ جو اعزاز سنڌ جي عالمن کي مليو آهي.سنڌ ۾ فقه ۽ فتوي جي ان شغف جا اثر عوام تي به هن ريت ظاهر ٿيا جو وڏيرڪي نظام هوندي به هتان جا ماڻهو شرعي فيصلن ۽ فتوائن تي يقين رکن ٿا.
جامعه دارالعلوم سکر ۾ عوامي ضرورتن ۽ مسئلن کي سامهون دارالافتاءَ جو شعبو به ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ مفتين جي ڪميٽي قرآن، حديث ۽ فقهاءِ جي فهم جي روشني ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿي.
فتويٰ وٺڻ جو طريقو هي آهي ته مسئلو لکي ان جو مڪمل تفصيل ڄاڻائي, دارالافتاءَ ۾ جمع ڪرائجي. جنهن تي مفتين جي ڪميٽي غور ڪري شريعت جي روشني ۾ ان جوجواب لکي صحيحون ڪري دارالافتاء جي ليٽر پيڊ ۽ اسٽيمپ سان ان کي جاري ڪيو ويندو آهي.
فتويٰ ۾ پيش ڪيل سوال جي سچي يا ڪوڙي هجڻ جي ذميداري سوال ڪرڻ واري جي هوندي آهي. دارالافتاء يا ان جا ميمبر ان جا ذميدار نه هوندا آهن اها شيءِ دارالافتاءِ جي ليٽر پيڊ تي به ڄاڻائي وئي آهي.
جامعه دارالعلوم سکر مان فتويٰ ۽ رهبري وٺڻ وارن جون مختلف صورتون آهن. هڪڙا ماڻهو ته پنهنجي طور تي دارالافتاءَ مان زباني۽ لکت ۾ فتويٰ وٺندا آهن.ڪي ماڻهو وڏيرن وٽ فيصلا کڻي ويندا آهن ته ڪجهه ديندار وڏيرانڪاح، طلاق ۽ ميراث ورثي بابت فيصلي ڏيڻ کان پهريون دارالافتاء جامعه دارالعلوم سکر مان فتويٰ وٺڻ لاءِ چوندا آهن. دارالافتاء جي ڪميٽي ڌرين جا ٻڌي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ فيصلو لکي ڄاڻايل معتبر وڏيري ۽ڌرين کي هڪ هڪ ڪاپي ڏني ويندي آهي. ان ۾ مڪمل شرعي فيصلو لکيل هوندو آهي، وڏيري ۽ امين کي صرف ان تي عمل ڪرائڻو هوندو آهي.ڪي ماڻهو وري پنهنجي طور تي ڪنهن امين ۽ وڏيري جي چوڻ کان بغير شرعي فيصلي تي يقين رکندي دارالافتاء ڏي رجوع ڪندا آهن. مفتين کي پنهنجو فيصل ۽امين بڻائيندا آهن.دارالافتاء جي ڪميٽي ڌرين جا بيان ٻڌي ٿڏي تي يا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان بابت شرعي فيصلي جي تحرير لکي ڌرين جا معاملا نبير يا ويندا آهن.
عام طور تي ميراث ۽ ديت جي معاملن بابت هاء ڪورٽ وغيره جا جج صاحبان به سوال نامه لکي دارالافتاء مان فتويٰ وٺندا آهن. ۽ ان مطابق اهي ڪيسز اڪلائيندا آهن. مختلف سرڪاري توڙي پرائيويٽ وڪيل به انهن معاملن ۾ دارالافتاء مان زباني يا تحريري فتوائون وٺندا رهن ٿا.
جامعه دارالعلوم سکر جي دارالافتاء کي اندرون سنڌ۾ هڪ خاص مقام ۽ اهميت حاصل آهي.ڪئين مسئلن ۾ ٻيا مفتي ۽ عالم به هتان جي مفتين سان رابطي۽ مشوري ۾ رهندا آهن.
دارالافتاء مان زندگيءَ سان واسطو رکندڙ مڙني معاملن: عقيدن، عبادتن، نڪاح، طلاق، ڪاروبار، معاشرت، اخلاق، سياست، ميراث وغيره بابت فتوائون جاري ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ٿي.
1- سنئون سڌو
2- : فون رستي
نمبرز (03013869511 , 0715815050)
3- واٽس ايپ رستي (03003149252) ,(03116669000)
4- اي ميل رستي : (askonlinefatwa@gmail.com)
5- ڊاڪ رستي : دارالافتاء جامعہ دارالعلوم سکر، گورنمينٽ هائوسنگ سوسائٽي ،ايئرپورٽ روڊ ،سکر۔