![]() |
![]() |
![]() |
---|
1- حفظ لاءِ يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
2- عمر گهٽ ۾ گهٽ 7 سال هجڻ ضروري آهي.
3- قرآن پاڪ ناظره درست پڙهيل هجڻ ضروري آهي
4- ان سان گڏ ذهني آزمائش ،سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
قرآن پاڪ، دين اسلام جو بڻ بنياد آهي. ان جي تعليم، تحفيظ ۽ تجويد، مسلمانن جي فطري ضرورت آهي. ان ڪري پهرين ڏينهن کان قرآني مڪتبن ۽ ديني درس گاهن ۾ تحفيظ ۽ تجويد جي شعبي جو خاص اهتمام رهيو آهي. ان اهميت جي ڪري جامعه دارالعلوم سکر ۾ به تحفيظ ۽ تجويد جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ماهر قاري ۽ حافظ، قرآن پاڪ ڏسي ۽ ياد، تجويد سان پڙهائي رهيا آهن. تعليم سان گڏ تربيت تي به توجه ڏنو وڃي ٿو.
مرڪز سان گڏ هن وقت هيٺيان مڪتب به جامعه جي نگراني ۽ سرپرستيءَ ۾ هلي رهيا آهن:
1. مدرسه روضة القرآن:
مدرسه روضة القرآن سکر ۾ تحفيظ ۽ تجويد سان گڏ تعليم بالغان جو نصاب به پڙهايو وڃي ٿو.
2. مدرسه دارالقرآن، سکرٽائون شپ سکر:
مدرسه دارالقرآن سکر ۾ تحفيظ ۽ تجويد سان گڏ تعليم بالغان ۽ درس قرآنيه جو سلسلو به هلي ٿو.
3. مدرسة الهديٰ ميمڻ محلو سکر:
مدرسة الهديٰ سکر ۾ به تحفيظ ۽ تجويد سان گڏ تعليم بالغان ۽ درس قرآنيه جو سلسلو به هلي ٿو.
4. مڪتب تعليم القرآن ، محمد مسجد ورڪشاپ روڊ سکر:
هن مڪتب ۾ صرف ناظره قرآن پاڪ جون ڪلاسون آهن. ان سان گڏ شام واري وقت ۾ تعليم بالغان ۽ درس قرآنيه جو سلسلو به هلي ٿو..
5. مرڪز تعليم القرآن اقصيٰ مسجد سکر:
مرڪز تعليم القرآن اقصيٰ مسجد، نزد الائيڊ اسڪول بيراج ڪالوني سکر، جامعه دارالعلوم سکر جي شاخ آهي. جيڪا ڪجهه وقت پهريون قائم ٿي آهي. ان ۾ ناظره جون ڪلاسون مصروف ڪار آهن.
6. مڪتب جامع مسجد محراب سکر ٽاون سکر:
مڪتب جامع مسجد محراب سکر ۾ به ناظره ۽ تجويد سان گڏ تعليم بالغان ۽ درس قرآنيه جو سلسلو به هلي ٿو.
1- يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
2- درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
3- ڪنهن به درجي ۾ داخلا لاءِ ،قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
4- گهربل درجي ۾ داخلا لاءِ پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
5- پوئين درجي جي چونڊ ڪتابن مان داخلا ٽيسٽ به ورتي ويندي.
6- ان سان گڏ ذهني آزمائش ،سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
درس نظامي ۾ نو سالا عالم ڪورس پڙهايو ٿو وڃي.
درس نظامي جا چار مرحلا آهن
(1)- مرحلا ثانويه عامه (مساوي ميٽرڪ)
هن مرحلي جي مدت ٽي سال آهي.پهرين ٻن سالن ۾ عربي گرائمر صرف ۽ نحو پڙهائي ويندي آهي.صرف ۽ نحو ۾ اجراء ۽ مشق تي خاص توجه ڏنو ويندو آهي.ٽين سال ۾ هيٺيان مضمون پڙهايا وڃن ٿا:
1_مشق قرائت 2_تفسير 3_حديث پاڪ 4_فقه 5_صرف 6_نحو 7_عربي ادب 8_منطق 9_سيرت
(2)- مرحلا ثانويه خاصه (مساوي انٽر)
هي مرحلو ٻن سالن جو آهي.هن ۾ هيٺيان مضمون پڙهايا وڃن ٿا:
1_تفسير قرآن2_حديث پاڪ 3_فقه 4_اصول فقه 5_نحو 6_عربي ادب 7_منطق 8_انشاءِ عربي
(3)- مرحلا عاليه (مساوي بي اي)
هي مرحلوبه ٻن سالن جو آهي.هن ۾ هيٺيان مضمون پڙهايا وڃن ٿا:
1_تفسير قرآن2_حديث پاڪ 3_فقه 4_اصول فقه 5_فرائض 6_عربي ادب 7_علم ڪلام 8_علم بلاغت 9_فلسفو 10_تاريخ 11_انشاءِ عربي 12_اصول حديث
(4)- مرحلا عالميه (مساوي ايم اي)
هي مرحلوبه ٻن سالن جو آهي.هن ۾ پهرين سال ۾:
1_تفسير قرآن2_اصول تفسير 3_حديث 4_اصول حديث5_فقه 6_فلڪيات 7_جغرافيه 8_جديد معيشت 9_رد قاديانيت پڙهايو وڃي ٿو.هن مرحلي جي ٻي سال کي دوره حديث شريف جو سال چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حديث پاڪ جا هيٺيان ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا:
1_صحيح بخاري 2_صحيح مسلم 3_جامع ترمذي 4_سنن ابي داود 5_سنن نسائي 6_سنن ابن ماجه 7_موطا امام مالڪ 8_موطا امام محمد 9_معاني الآثار
1- يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
2- درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
3- ڪنهن به درجي ۾ داخلا لاءِ ،قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
4- گهربل درجي ۾ داخلا لاءِ پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
5- پوئين درجي جي چونڊ ڪتابن مان داخلا ٽيسٽ به ورتي ويندي.
6- ان سان گڏ ذهني آزمائش ،سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
عام طور تي درس نظامي پڙهندڙ طالب علم ،عربيءَ ۾ تقرير ۽ تحرير تي قادر نه هوندا آهن، حالانڪ اهي اٺ نوَ سال درس نظامي جا عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب پڙهندا رهن ٿا.ان جو وجه هي آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ کي زبان تي جاري ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهڻ انتهائي ضروري آهي. ان بنياد تي ڪجهه وقت کان ديني مدرسن ان پاسي توجه ڏنو آهي ۽ ان لاءِ درس نظامي جو ڪورس مڪمل عربي زبان ۾ پڙهايو وڃي ٿو.جنهن کي عام طور تي ”معهد“ چيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ جامعه دارالعلوم سکر پڻ ٻن سالن کان ”معهد“ جو شعبو پڻ قائم ڪيو آهي. هي شعبو في الحال ثانويه عامه درجي تائين فعال آهي. مستقبل ۾ ان کي آخر تائين ڪرڻ جي منصوبه بندي به ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه درجه تمهيدي سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ درس نظامي پڙهندڙ شاگردن لاءِ پڻ ھڪ گھنٽو عربي ۾ پڙھايو وڃي ٿو .
1- يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
2- درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
3- ڪنهن به درجي ۾ داخلا لاءِ ،قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
4- گهربل درجي ۾ داخلا لاءِ پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
5- پوئين درجي جي چونڊ ڪتابن مان داخلا ٽيسٽ به ورتي ويندي.
6- ان سان گڏ ذهني آزمائش ،سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
هيءَ ڳالهه پڌري پٽ آهي ته صالح معاشري ۽ خوب صورت گهراڻي جي جوڙ جڪ ۾ عورت جو ڪردار اهم آهي. صالح ماءُ جي جهولي، انسانيت جي اها عظيم درس گاهه آهي، جنهن جون ايماني لوريون، ڄمڻ کان ويندي قبر جي ڪنڌيءَ تائين زندگيءَ جي ٻاٽ اونداهين ۾ روشن لاٽ جو ڪم ڏينديون آهن. ان بنياد تي ڪنهن عورت جي تعليم ۽ تربيت هڪ فرد جي نه،بلڪ هڪ معاشري ۽ گهراڻي جي تعليم۽ تربيت آهي. اها ڳالهه ڳڻ ۾ رکي جامعه دارالعلوم سکر ۾مهڙ کان بنات جو شعبو به قائم ڪيو ويو آهي.
هن شعبي ۾ وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي نصاب مطابق عالمه ڪورس پڙهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير، حديث پاڪ، فقه، اصول فقه، ميراث، بلاغت، صرف ۽ نحو سان گڏ ٻيا اسلامي علم ۽ فن پڙهايا وڃن ٿا.ساڳي ريت قرآن پاڪ ياد ۽ ڏسي به پڙهايو وڃي ٿو. ان کان علاوه سلائي ڪڙهائي ڪوڪنگ ۽ اسڪول ڪاليجز جي موڪلن ۾ فاطمي ڪورسز پڻ ڪرايا وڃن ٿا. تعليم سان گڏ تربيت تي خاص توجه ڏيندي امهات المومنين ۽ صحابيات جي زندگين مطابق هلڻ جو عملي درس ڏنو وڃي ٿو. جامعه دارالعلوم سکر جي نگراني ۽ سرپرستيءَ ۾ سکر شهر ۾ بنات جا هيٺيان مدرسه هلي رهيا آهن.
1. جامعه فاطمة الزهراءَ للبنات عثمانيه مسجد بيراج ڪالوني سکر:
جامعه فاطمة الزهراءَ للبنات جي نالي سان بنات جو هي مين ڪئمپس آهي. جيڪو جامعه دارالعلوم سکر ڪئمپس 1: عثمانيه مسجد بيراج ڪالوني سکر لڳ آهي. جامعه فاطمة الزهراءَ ۾ نياڻين ۽عمر رسيده عورتن لاءِ درس نظامي ( منڍ کان دوره حديث تائين)، حفظ، ناظره، تجويد، سلائي ڪڙهائي ۽ ڪوڪنگ جا شعبا هلي رهيا آهن.جنهن مان هر عمر جون عورتون فائدو پرائي رهيون آهن. هن مدرسي ۾ صبح واري شفٽ ۾ (اٺين کان ٻيپهريءَ تائين) تعليم ڏني وڃي ٿي.
2. المرڪز الاسلامي مدنيه للبنات لڳ سٽي پوائنٽ گيٽ آدم شاهه ڪالوني سکر:
المرڪز الاسلامي ۾ شام واري شفٽ ۾ (ٻيپهري کان سانجهيءَ تائين) درس نظامي، عاليه درجي تائين ۽ شعبه تحفيظ و تجويد ۽ ناظره جون ڪلاسون هلي رهيون آهن.
3. مدرسة الهديٰ للبنات، ميمڻ محلو سکر:
مدرسة الهديٰ ۾ به شام واري شفٽ ۾ (ٻيپهري کان سانجهيءَ تائين)درس نظامي، عاليه درجي تائين ۽ شعبه تحفيظ وتجويد ۽ ناظره جون ڪلاسون هلي رهيون آهن.
جامعه دارالعلوم سکر جي شعبي تعليم بنات ۾ درس نظامي (عالمه ڪورس) ۽ حفظ سان گڏ قرآن پاڪ ڏسي (ناظره) جي تعليم به ڏني وڃي ٿي. جنهن مان سوين عورتون، فارغ ٿيون آهن. ساڳي ريت شارٽ ڪٽ فاطمي ڪورس مان فائدو پرائڻ وارين جو تعداد به هزارن ۾ آهي.اهڙي ريت ڪوڪنگ ۽ سلائي ڪڙهائي ڪورسز مان به ڪئين عورتن فائدو ۽ سکيا ورتي آهي.
تعليم بالغان مان زندگي جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو: اسٽوڊنس، واپاري ۽ ملازم وغيره فائدو پرائي سگهن ٿا. تعليم جو وقت سانجهي کان سومهڻي نماز تائين آهي.
مسلمان هجڻ ناتي، دين جو صحيح علم، سمجهه ۽ قرآني مطلبن جي پروڙ، اسان جو ديني فريضو به آهي۽ فطري ضرورت به، جامعه دارالعلوم سکر ان ديني فريضي ۽ فطري ضرورت کي پوروڪندي، مصروف ماڻهن لاءِ شارٽ ڪورس ڊيزائن ڪيو آهي. جنهن ۾ ٿوري وقت ۾ بنيادي عربي گرامر، قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير، حديث پاڪ ۽ عقيدن ،معاملات، معاشرت ۽اخلاقيات بابت دين جي بنيادي تعليمات تي مشتمل جامع نصاب پڙهايو وڃي ٿو.
تعليم بالغان مان زندگي جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو: اسٽوڊنس، واپاري ۽ ملازم وغيره فائدو پرائي رهيا آهن. تعليم جو وقت سانجهي کان سومهڻي نماز تائين آهي.هن وقت تائين تعليم بالغان مان ڪافي سارن ماڻهن فائدو پرايو آهي..
ديني مدرسن جي قيام جي خدمتن جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد هي به رهيو آهي ته انسانن کي آخري دين (اسلام) جي روشنيءَ ۾ پيش ايندڙ زندگيءَ جي مڙني معاملن ۾ حل ٻڌايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي آخري دين قيامت تائين سمورن انسانن جي چٽي، سولي ۽ مثالي رهنمائي ڪري ٿو. ان مقصد لاءِ ديني عالمن وٽ ”فقهه ۽ فتويٰ“ جي عنوان سان عوامي ديني رهبري ۽ رهنمائي جو بي مثال ۽ بي نظير ذخيرو موجود آهي، جيڪو قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ قيامت تائين ايندڙ نت نون مسئلن بابت اصولي ۽ قانوني وضاحت پيش ڪري ٿو. پهرين صدي هجري کان ويندي هن دور تائين ڪهڙو به تبديلين وارو زمانو هجي، ديني مدرسن، انسانن جي رهبري جو اهو اهم فريضو وڏي خوبي ۽ ذميداريءَسان ادا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هر دور ۾ اسان کي ديني مدرسن جي شعبن ۾ دارالافتاء (فتويٰ جو شعبو) ۽ دارالقضاء (شريعت جي روشني ۾ فيصلي) جو ادارو ملي ٿو. ان ضرورت جي پيش نظر فتويٰ نويسي سيکارڻ لاءِ تخصص في الفقه والافتاء جو شعبو پڻ رکيو ويو، جنهن ۾ ذهين ۽ چونڊيل عالمن کي "فقه ۽ فتويٰ نويسي" جي خاص تربيت ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ کين فتويٰ لکڻ جي فن، نئين پيچيده فقہي مسئلن جي تحقيق ۽ عصري مسئلن جو شرعي حل ڳولڻ ۾ خاص تربيت ملي ٿي، هن شعبي ۾ تربيت جو عرصو ٻه سال آهي، ٻئي سال ۾ هر شاگرد کي ٻين تربيتي مسئلن کان علاوه تحقيقي مقالو پڻ لکڻو هوندو آهي.
جامعه دارالعلوم سکر ۾ طب صرف سابعه درجي ۾ پڙهائي وڃي ٿي. ان لاٰءِ سادسه پاس هجڻ ضروري آهي.
تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته علم طب جو اسلامي علمن سان گهرو واسطو رهيو آهي. امام شافعي رح جو قول آهي ته العلم علمان : علم الاديان وعلم الابدان،يعني : هڪ دين جو علم آهي ٻيو بدن جو علم آهي. جهڙي طرح زندگيءَ کي شريعت مطابق گذارڻ لاءِ دين جو علم ضروري آهي ته اهڙي طرح بدن جي صحت لاءِ امراض ۽ انهن جي علاج جي ڄاڻ رکڻ به ثانوي درجي ۾ ضروري آهي. اسان جا اڳوڻا عالم سڳورا، علم تفسير ،حديث ۽ فقه وغيره سان گڏوگڏ علم طب جا به وڏا ماهر ٿي گذريا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته طب علماءِ جو ورثو آهي.پر جيئن ماڻهن جو هن دور ۾ ايلوپيٿي علاج ڏي رجحان آهي ته عالمن به پنهنجي طبي ورثي تان ڌيان هٽائي ڇڏيو آهي. ضرورت آهي ان ڳالهه جي جو ان ورثي کي عالم سنڀالن. ان ڳالهه کي سامهون رکي جامعه دارالعلوم سکر ۾ رئيس الجامعه مولانا مفتي نذير احمد صاحب جي ذاتي دلچسپي ۽ مشهور حڪيم : حڪيم طارق محمود چغتائي مجذوبي صاحب جي مشاورت سان2017 کان طب جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي. ان شعبي تحت طالبن کي طب سيکاري وڃي ٿي.معالجات، مفردات ۽ تشخيص جي علم سان گڏوگڏ عملي مشق به ڪرائي وڃي ٿي.نصاب طور ٽي ڪتاب : شرح اسباب ، تاج العقاقير ۽ تشريح الابدان پڙهايا وڃن ٿا.هن وقت تائين ان شعبي مان سوين طالب فائدو حاصل ڪري چڪا آھن.
1. فجر جي اذان کان منو ڪلاڪ پهريون سجاڳ ٿي تهجد پڙهڻ
2.فجر جي نماز کان پوءِ صبح جا مسنون ذڪر ۽قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ
3. اشراق جو نفل پڙهڻ
4.ٻيپهريءَ جي نماز کان پوءِ يٰس پڙهڻ
5. ٽيپهري نماز کان پوءِ عليڪم بسنتي/آداب معاشرت/حياة المسلمين جو درس ٻڌڻ
6. سانجهي نماز کان پوءِ اوابين جو نفل پڙهڻ ۽ شام جا مسنون ذڪر ڪرڻ
7. سومهڻي نماز کان پوءِ ذڪر جي مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ
8. سمهڻ کان پهريون سورة الملڪ جي تلاوت ڪرڻ
9. چوويهن ڪلاڪن جي اٿڻي ويهڻي ۾ سنتن جي پابندي ۽ آدابن جي رعايت ڪرڻ
10. پٽڪي جي پابندي ۽ سلام جي عادت ڌارڻ
11. جمعي واري ڏينهن ٽيپهريءَکان پوءِ درود پاڪ جي مجلس ۾ شرڪت
12. ماهوار ايام بيض جي روزن جي ترغيب مطابق روزن جي ڪوشش ڪرڻ
جامعه دارالعلوم سکر جي قيام جي مقصدن مان ”تربيت“ هڪ اهم مقصد آهي. ان بنياد تي ئي مدرسي جو ماٽو ”علم بھی“ ۽ ”عمل بھی“ آهي .ساڳي ريت ياتعارفي سٽ ” علم کے ساتھ عمل ، تعلیم کے ساتھ تربیت اور پڑھانے کے ساتھ سکھانے کے فلسفہ پر عمل پیرا مرکز تعلیم و تر بیت“ به لکي ويندي آهي.
ان ڏس ۾ جامعه دارالعلوم سکر قرآن ۽ حديث مطابق عملي زندگي گذارڻ لاءِ هڪ جامع نصاب تيار پڻ ڪيو آهي. جنهن مطابق هر طالب علم کي پابنديءَ سان عمل ڪرڻو آهي. ان جو تفصيل هن ريت آهي:
1. فجر جي اذان کان منو ڪلاڪ پهريون سجاڳ ٿي تهجد پڙهڻ
2.فجر جي نماز کان پوءِ صبح جا مسنون ذڪر ۽قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ
3. اشراق جو نفل پڙهڻ
4.ٻيپهريءَ جي نماز کان پوءِ يٰس پڙهڻ
5. ٽيپهري نماز کان پوءِ عليڪم بسنتي/آداب معاشرت/حياة المسلمين جو درس ٻڌڻ
6. سانجهي نماز کان پوءِ اوابين جو نفل پڙهڻ ۽ شام جا مسنون ذڪر ڪرڻ
7. سومهڻي نماز کان پوءِ ذڪر جي مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ
8. سمهڻ کان پهريون سورة الملڪ جي تلاوت ڪرڻ
9. چوويهن ڪلاڪن جي اٿڻي ويهڻي ۾ سنتن جي پابندي ۽ آدابن جي رعايت ڪرڻ
10. پٽڪي جي پابندي ۽ سلام جي عادت ڌارڻ
11. جمعي واري ڏينهن ٽيپهريءَکان پوءِ درود پاڪ جي مجلس ۾ شرڪت
12. ماهوار ايام بيض جي روزن جي ترغيب مطابق روزن جي ڪوشش ڪرڻ
ان ئي شعبي تحت جامعه دارالعلوم سکر جا طالب تعليم کان فارغ وقت ۾ دعوتي سرگرميون پڻ ڪندا رهن ٿا.جهڙوڪ پيار پاٻوهه، حڪمت ۽ بصيرت سان ماڻهن کي دين جي دعوت ڏيڻ، مختلف علائقن ۾ جمعي جو بيان ڪرڻ، جنهن ۾ فرقي واريت کان هٽي ڪري ماڻهن جي عقيدي ۽ عمل جي سڌاري بابت جامع رهنمائي ڪئي وڃي ٿي.
ساڳي ريت طالب علمن کي موجوده دور جي گهرجن مطابق لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هفتي وار پروگرام ” بزم عثماني“ نالي پڻ ٿئي ٿو. جنهن تحت انهن کي مختلف موضعن تي تقريرن ڪرڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي ۽ تحريري ميدان ۾”عثماني علم وقلم سنگت“ نالي طالبن جي انجمن موجود آهي.جنهن تحت انهن کان مختلف مضمون لکرايا وڃن ٿا. انهن جي نوڪ پلڪ سنواري مدرسه جي رسالي ٽماهي العلم ۾ ڇاپيو وڃي ٿو يا وري ٻين ديني رسالن ڏانهن اشاعت لاءِ اماڻيا وڃن ٿا.
تحقيقي ۽ تصنيفي ڪمن جي سلسلي ۾ جامعه جي نگراني هيٺ ”دارالعلم والتحقيق“جو شعبو به ڪجهه وقت پهريون قائم ڪيو ويو آهي. هونئن ته جامعه دارالعلوم سکر سان وابسته فردن جا هيٺيان ڪتاب مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪا آهن.
1.تحفة الطالبين
2. بداية النحو
3. عورتن لاءِ سوکڙي
4. تسهيل الوصول الي علم الاصول
5 . نبوي باغ جي خوشبو
پر ڪجهه وقت کان باقاعدي جامعه دارالعلوم سکر ۾ علمي، تحقيقي ۽ اشاعتي شعبو ”دارالعلم والتحقيق“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو آهي.جنهن جي مقصدن مان بنيادي مقصد سنڌ جي اڪابر علماءِ جي مخطوط عربي ذخيري کي موجوده دور جي تحقيق ۽ تقاضائن مطابق ايڊٽ ڪري منظر عام تي آڻڻ به آهي
ان سلسلي ۾ مختلف تحقيقي پروجيڪٽس ”دارالعلم والتحقيق“ طرفان زير تحقيق آهن. هن وقت تائين ان شعبي تحت ڪجهه ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن. ۽ ڪجهه پائيپ لائين ۾ آهن.
1. جامعه دارالعلوم سکر جي ترجمان رسالي ٽماهي ”العلم“ سکر جي خاص اشاعت ”سنڌ ۾ فقه ۽ فتويٰ نمبر“
2. باغ جو ٺيڪو، جائز ۽ ناجائز صورتون، ان ۾ سنڌ اندر انبن، ڪيلن ۽کجين جي باغن جي ٺيڪن بابت مفصل شرعي رهنمائي ڪئي وئي آهي.
3. رئيس الجامعه حضرت مفتي نذير احمد عثماني صاحب جو لکيل عربي گرامر بابت ڪتاب بداية النحو سنڌي
4. بداية النحو اردو.
5. اصول ميراث
6. جامعه دارالعلوم سکر جون ديني ۽ علمي خدمتون
رابطة المساجد سان جڙيل هيٺيون مسجدون اهو فريضو ادا ڪري رهيون آهن.
1. جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني سکر
2.مرڪزي جامع مسجد رياض الجنة، گورنمنٽ هائوسنگ سوسائٽي سکر
3. جامع مسجد فرهاد، لڳ آءِ،بي، اي يونيورسٽي سکر
4. جامع مسجد خيف، آچر گهٽي سيرت چوڪ ڀٽه محله سکر
5. جامع مسجد ميمڻ، ميمڻ محله، بيراج روڊ سکر
6. جامع مسجد، سيڪٽر ون، سکر ٽائون شپ سکر
7. جامع مسجد صديق اڪبر رضه، ملٽري روڊ سکر
8. محمّد مسجد، ورڪشاپ روڊ سکر
9. اقصيٰ مسجد لڳ الائيڊ اسڪول بيراج ڪالوني سکر
10. جامع مسجد محراب ، سيڪٽر 5 سکر ٽائون شپ سکر
11.جامع مسجد ذي النورين ،ماوي سوسائٽي،ايئرپورٽ روڊ سکر
هيءَ ڳالهه اسلامي تاريخ ۾ چٽي نظر اچي ٿي جو منڍ کان مسلمان معاشري ۾ مسجد جو غير معمولي ڪردار رهيو آهي. جتي هڪ پاسي مخلوق سان خالق جو رشتو جوڙڻ جي فڪر ۾ تعليم ۽ تربيت ، ذڪر ۽ فڪر جا حلقا هوندا هئا ته ٻي پاسي سماجي ۽ معاشرتي لاڳاپن جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ جهيڙن جي نبيري تائين ،مڙني معاملن ۾ مسجد کي هڪ فيصلائتي حيثيت حاصل هئي. بدقسمتيءَ سان اڄ معاشري ۾ مسجد جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي ۽ مسجد جي اجتماعيت جا رڳو قصا ئي رهيا آهن.
جامعه دارالعلوم سکر جو شعبو: رابطة المساجد ،مسجد جي اڳوڻي ڪردار جي احياءَ جي عملي تحريڪ آهي. رابطة المساجد سان وابسته مسجدن ۾ نماز سان گڏ درس قرآن ، مصروف ماڻهن کي ديني تعليمات کان واقف ڪرائڻ لاءِ شارٽ تعليم بالغان ڪورسز ، نمازين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اصلاحي بيان ۽ ديني پروگرام رکيا وڃن ٿا.پڻ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ پيدا ٿيل جهيڙن جو نبيرو به ڪيو وڃي ٿو.
رابطة المساجد سان جڙيل هيٺيون مسجدون اهو فريضو ادا ڪري رهيون آهن۔
1. جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني سکر
2. مرڪزي جامع مسجد رياض الجنة، گورنمنٽ هائوسنگ سوسائٽي سکر
3. جامع مسجد فرهاد، لڳ آءِ، بي، اي يونيورسٽي سکر
4. جامع مسجد ميمڻ، ميمڻ محله، بيراج روڊ سکر
5. جامع مسجد، سيڪٽر ون، سکر ٽائون شپ سکر
6. جامع مسجد صديق اڪبر رضه، ملٽري روڊ سکر
7. محمّد مسجد، ورڪشاپ روڊ سکر
8. اقصيٰ مسجد لڳ الائيڊ اسڪول بيراج ڪالوني سکر
9. جامع مسجد محراب، سيڪٽر 5 سکر ٽائون شپ سکر
10. جامع مسجد ذي النورين، ماوي سوسائٽي، ايئرپورٽ روڊ سکر
11. جامع مسجد بلال بهار ڪالوني سکر
12. جامع مسجد خاتم النبیین سنڌي سوسائٽي نادرا روڊ سکر
13. جامع مسجد شان مصطفیٰ سنڌ سوسائٽي نزد پي سي بي گرائونڊ ايئرپورٽ روڊ سکر
14. جامع مسجد عباس روینیو ڪالوني ايئرپورٽ روڊ سکر
15. جامع مسجد ریاض الجنۃ ذیشان ولاز مهراڻ سوسائٽي سکر
تعليم بالغان مان زندگي جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو: اسٽوڊنس، واپاري ۽ ملازم وغيره فائدو پرائي سگهن ٿا. تعليم جو وقت سانجهي کان سومهڻي نماز تائين آهي.
ديني مدرسن مان عوام جي سڌاري لاء ديني ڪتابن لکڻ سان گڏ گڏ ،ماهوار ،ٽماهي ،ڇهه ماهي ۽ سالانه ديني رسالا نڪرندا رهن ٿا.بلڪ سنڌ جي قديم صحافت ۾ ته ديني ۽ تحريڪي عنصر نمايان ڏسجي ٿو.بدقسمتيءَ سان زرد صحافت جي ڪري اڄ ڪالهه اها ڳالهه نه ٿي ڏسجي. اهڙي حالت ۾ ديني مدرسن جي ذميداري وڌيو وڃي ته علم ، ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ ديني سوچ کي هٿي وٺرائن.
ان سلسلي ۾ جامعه دارالعلوم سکر مان سنڌي ٻولي ۾ ماهانه رسالو العلم جي نالي سان ۲۰۱۲ع کان پابندي سان نڪري رهيو آهي.العلم ۾ قرآن پاڪ جو تفسير ”نسوروئي نور“ جي عنوان سان،حديث پاڪ جو درس ”موتي مڻيادار“ جي عنوان سان شرعي مسئلن جو حل ”پڇو پڙهين کان“ جي عنوان سان ، سنڌ جي بزرگن جو تذڪرو ”سنڌ جا سپوت“ جي سري سان ڏنو وڃي ٿو. انهن مستقل سلسلن کان علاوه علمي ،ادبي ،اصلاحي ۽ تحقيقي مضمون پڻ شايع ٿين ٿا. العلم “سنڌ ۾ فقه ۽ فتوي” تي هڪ خاص نمبر به ڪڍي چڪو آهي.