![]() |
![]() |
![]() |
---|
مجلس شوريٰ جامعه دارالعلوم سکر جو پاليسي ساز ادارو آهي. جيڪو حضرت رئيس الجامعه جي سربراهيءَ ۾ جامعه جي اڪابر استادن ، تعليمي ماهرن ۽ جامعه جي معاونن تي مشتمل آهي. جامعه جا تعليمي، انتظامي ، تعميراتي ۽ ٻيا سڀ معاملا مجلس شوري جي مشاورت سان ڪيا ويندا آهن.
جامعه دارالعلوم سکر جي مجلس تعليمي هيٺين افرادن تي مشتمل آهي .
1- رئيس الجامعه
2- ناظم اعليٰ
3- ناظم تعليمات مرحلہ جامعیہ
4- ناظم تعليمات مرحله ثانويه
5- ناظم معهد
6- ناظم بنات
7- ناظم تحفيظ وتجويد
مجلس تعليمي ،تعليم بابت سمورا معاملا: داخلا ،تعليمي جائزو، حاضري جي نگراني، گسائڻ تي پڇا ڳاڇا،امتحان رکڻ ،نتيجو ٺاهڻ ،ڪمزور ۽ ناڪام طالبن جي نشاندهي، ڪمزوري ۽ ناڪامي جا ڪارڻ ٻڌائڻ ۽ ان جي روشني ۾ تدارڪ جو طريقو،خواندگي مقدار جي نگراني، طالبن جي تربيت ۽ عملن تي نظر جهڙيون ڀاري ذميداريون ادا ڪندي آهي.
جامعه دارالعلوم سکر جي داخلي انتظامن لاء هيٺيان ناظم خدمت ڪري رهيا آهن:
1- ناظم اعليٰ
2- ناظم دارالاقامه
3- ناظم دارالافتاءَ
4- ناظم مطبخ
5- ناظم مسجد
6- ناظم صحت وصفائي
7- ناظم باغباني
8- ناظم نشر واشاعت